سنڌ جي درٻار

سنڌ جي درٻار

سنڌ جي درٻار

سنڌ جي درٻار (ڪتاب): هي ڪتاب ڪڇ جي مختصر تاريخ، ڀُڄ جي طبعي احوال سميت، جيمس برنس جي A Narrative of a visit to the court of sindh: A sketch of the History of Cutch جو سنڌي ترجمو آهي. هي اصل ڪتاب 1831ع ۾ انگلنڊ ۾ شايع ٿيو هو. هن ڪتاب جي سنڌي ترجمي جو ڪم محمد حنيف صديقيءَ سرانجام ڏنو آهي.
هن ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته جيمس برنس هي ڪتاب خاص انهيءَ مقصد سان لکيو هو ته پنهنجن بالا عملدارن (انگريز حاڪمن) کي سنڌ بابت معلومات ڏئي. سنڌ تنهن زماني ۾ اڃا انگريزن جي قبضي هيٺ نه آئي هئي. ان ڪري ان تي حملي ڪرڻ کان اڳ هنن کي سنڌ ملڪ بابت هر قسم جي معلومات مطلوب هئي، جيئن ته جيمس برنس کي پنهنجي بالا عملدارن جي خوشنودي درڪار هئي، ان ڪري سنڌ جي ٽالپر حاڪمن ڏانهن سندس رخ همدرديءَ وارو نه هو. ڪتاب جي فهرست هن ريت آهي: (1) سنڌ جي درٻار: تمهيدي خط، سنڌ جي درٻار جو احوال، سڪندر جي رستي تي تبصرو، (2) ڪڇ جي تاريخ: تمهيدي قيل مقالا، فصل -1: انگريزن جي اچڻ کان اڳ ڪڇ جي مختصر تاريخ جو تمهيدي احوال، فصل-2: انگريزن جي لاڳاپي جي شروعات کان وٺي 1816ع جي عهدنامي تائين، فصل -3: 1816ع جي عهدنامي کان وٺي 1819ع جي عهدنامي تائين، پڄاڻي، (3) ڀڄ جو احوال: بمبئيءَ جي طبعي محڪمي جي سيڪريٽريءَ ڏانهن خط، طبعي نقطه نظر کان ڀڄ جو احوال.
ڊيمي سائيز جي 198 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ ڇپايو آهي، ان جو پهريون ڇاپو 1964ع ۾، ٻيو ڇاپو 1971ع ۾، ۽ ٽيون ڇاپو 1976ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن جي قيمت 6 روپيا آهي.


لفظ سنڌ جي درٻارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو